الطاف پيرزادو

الطاف پيرزادو

الطاف پيرزادو

الطاف پيرزادو: مشهور صحافي ۽ ليکڪ الطاف پيرزادي، 12 آڪٽوبر 1972ع تي ڳوٺ ٻلهڙيجي، تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. هن پرائمري تعليم ڳوٺ مان ۽ مئٽرڪ گورنمنٽ هاءِ اسـڪـول ڏوڪـريءَ مـان
(1991ع) پاس ڪئي. شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان 2006ع ۾ صحافت شعبي ۾ ماسٽرس ڪيائين. هن جنوري 1993ع کان روزاني اخبارجاڳو‘ ڪراچيءَ ۾ پروف ريڊر طور ڪم ڪيو، بعد ۾ روزاني عوامي آواز ۽ روزاني سنڌ (حيدرآباد) ۾ سب ايڊيٽر رهيو، ان سان گڏ روزاني سنڌ حيدرآباد جو لاڙڪاڻي لاءِ بيورو چيف (1996ع)، روزاني تعمير سنڌ ڪراچي/سکر جو لاڙڪاڻي لاءِ بيورو چيف (1998ع)، روزاني تعمير سنڌ جو ڪراچيءَ لاءِ بيورو چيف (2000ع) به رهيو ۽ 2002ع ڌاري روزاني ’ڪاوش‘ حيدرآباد جو سب ايڊيٽر رهيو. 2002ع ڌاري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان ڪارپوريشن (اي. پي. پي) ۾ رپورٽر ۽ ٽرانسليٽر طور ملازمت اختيار ڪيائين. 2009ع ۾ ريڊيو پاڪستان ۾ خبرن واري شعبي لاءِ سب ايڊيٽر چونڊيو ويو. 2010ع واري ٻوڏ ۾ رپورٽنگ ڪرڻ تي مڃتا طور کيس ريڊيو پاڪستان طرفان چين جي شهر شنگهائيءَ ۾ صحافين لاءِ 13 کان 27 سيپٽمبر 2010ع تائين ڪورس ۾ شرڪت لاءِ موڪليو ويو ۽ کيس سال جي بهترين رپورٽر جي اوارڊ سان به نوازيو ويو. 1998ع ۾ عالمي نشرياتي اداري بي. بي. سي ٽيليويزن سان ڪاروڪاري رسم بابت دستاويزي فلم لاءِ گائيڊ طور ڪم ڪيائين ۽ ريڊيو پاڪستان لاءِ سنڌ ۾ ’ڀنگ لاءِ اغوائون‘ جي عنوان تي ڊاڪيومينٽريون به تيار ڪيائين. هن وقت ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جو سب ايڊيٽر آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

12.10.1972  عيسوي

مشهور صحافي ۽ ليکڪ الطاف پيرزادي ، 12 آڪٽوبر 1972ع تي ڳوٺ ٻلهڙيجي ، تعلقي ڏوڪري ، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جلال محمد مخدوم
انود
شاهه پور اعظم
سوامي ليلا شاهه
ٿامس هنٽ مورگن
فهد مصطفيٰ
دوست محمد قريشي
بهاءُ الدين ذڪريا
جوهي چاولا
درويش دائود 1
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون